پاٽائي دين محمد مخدوم

پاٽائي، دين محمد، مخدوم: مخدوم دين محمد ولد مفتي عبدالواحد ڪبير پاٽ شهر ۾ 1113 هه ۾ ڄائو. اڳتي هلي هجرت ڪري سيوهڻ ۾ اچي رهيو. جتي شادي به ڪيائين. وڏو عالم، بزرگ ۽ فقيهه هو، جنهنڪري سيوهڻ شهر جو قاضي ۽ مفتي ٿيو. سندس ٻه فرزند عبدالواحد صديقي ۽ محمد حسن صديقي پنهنجي دور جا وڏا عالم شخص هئا. هن جا نور محمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان دوستاڻا لاڳاپا هئا. هن بزرگ 1192هه ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو